پنجاب واسڻ گهوٽڪي جي نواجون سان پيار پرڻو ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) پنجاب جي شهر صادق آباد جي ناري راحت ڌيءَ عبدالغني گهوٽڪي جي نوجوان محمد ياسين راجپوت ڀٽي سان پيار پرڻو ڪري ڇڏيو. پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي راحت ۽ محمد ياسين ڀٽي احتجاج ڪندي سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهيون. اسان 17 ڊسمبر تي گهوٽڪي جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو به ڪيو آهي هاڻي خاندان وارا سک سان جيئڻ نٿا ڏين. ناري راحت جو چوڻ هو ته مان پنهنجي رضا خوشي سان محمد ياسين سان شادي ڪئي آهي جنهن ڪري منهنجا والدين ۽ خاندان وارن منهنجي مڙس تي ڪوڙو اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي هو اسان کي مارڻ چاهين ٿا اسان ٻنهي پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي. جوڙي چيف جسٽس، وزير اعظم، وزير اعليٰ،  آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو