پنجاب جي ملازمن جي پگهار وفاق برابر ڪريو،وزيراعظم نقوي کي فون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.وزيراعظم سان پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان حوالي سان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن وفاق جي برابر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پنجاب جي نگران وڏي وزير پگهارن جو معاملو ٻيهر ڪابينا ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو