ميمبرن جو حلف، جمعي تي پنجاب ۽ ڇنڇر تي سنڌ اسمبلين جا اجلاس طلب

ميمبرن جو حلف، جمعي تي پنجاب ۽ ڇنڇر تي سنڌ اسمبلين جا اجلاس طلب

لاهور /ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس 24 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبر پنهنجي عهدي جو حلف کڻندا.اسيمبلي جو اجلاس صبح جو 11 وڳي ٿيندو جنهن ۾ اسپيڪر اسيمبلي ميمبرن کان حلف وٺندو. اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ سمري گورنر ڏانهن اماڻي وئي آهي،نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري کان پوءِ اسپيڪر نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪندو.ڪاغذ فائنل ٿيڻ جي هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ چونڊ ڪئي ويندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيڻ کان پوءِ نئون چونڊيل اسپيڪر وڏي وزير جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪندو…..پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو.پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي ٿيندو، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر سبطين خان نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو