پنجاب جي نون ميمبرن حلف کڻي ورتو،اسپيڪر جو ووٽ سڀاڻي ٿيندو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10 وڳي طلب ڪيو ويو هو جيڪو 2 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسيپڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسپيڪر نون چونڊجي آيل ميمبرن کان حلف ورتو، قسم کڻندڙن ۾ مريم نواز کانسواءِ مريم اورنگزيب به شامل هئي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي.
الله ڪري پنجاب ۾ خدمت جو نئون دور شروع ٿئي: مريم نواز
مريم نواز ايوان ۾ پهچڻ تي ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ خدمت جو نئون دور شروع ٿيندو.
حيدر گيلاني پ پ جو پارلياماني اڳواڻ مقرر
پيپلز پارٽي پاران حيدر گيلاني کي پارلياماني ليڊر نامزد ڪيو ويو آهي.
مريم اورنگزيب کي وفاق ۾ نه موڪلڻ جو فيصلو
مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب کي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مريم اورنگزيب کي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻائڻ جو فيصلو پارٽي قائد نواز شريف ۽ پارٽي صدر شهباز شريف مشاورت سان ڪيو آهي.مريم اورنگزيب اڄ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻندي، هوءَ پنجاب ۾ وڏي وزير جي معاونت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو