پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي بنا رنڊڪ فراهم ڪئي وڃي،ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ھدايت تي مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پاران ڪراچي جي سائوٿ، ڪياماڙي، ايسٽ، سينٽرل ۽ ويسٽ ضلعن جي مختلف علائقن جو دورو، سامونڊي طوفان ٽاڪٽي کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪيل تيارين جو جائزو ورتو. صوبائي وزير برساتي نالن ۽ پمپنگ اسٽيشنز جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي مڪاني کاتي وارو سيڪريٽري سيد نجم شاھ ، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد ، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ارشاد علي سوڍر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير کي سيڪريٽري مڪاني کاتو نجم شاھ، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد  بريفنگ ڏني. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ شيرين جناح ڪالوني، ٽي تلوار، ماڙي پور، گلشن اقبال، سخي حسن چورنگي، ناگن چورنگي ، گجر نالي ۽ شھر جي مختلف علائقن۾ پمپنگ اسٽيشنز جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ھن چيو ته سامونڊي طوفان ٽاڪٽي کي منھن ڏيڻ لاءِ مڪاني ادارن جي تيارين جو جائزو ورتو آھي. مڪاني کاتي۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي۽ سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن . صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز کي برساتي نالن جي نگراني ۽ چوڪنگ پوائنٽس کي صاف رکڻ جون هدايتون ڏنيون آھن، جيئن  برساتن دوران پاڻي بنا رنڊڪ جي نڪري وڃي. پمپنگ اسٽيشنز جي معائني دوران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي اسدالله خان کي حڪم ڏنو ته پمپنگ اسٽيشنز تي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ متبادل انتظام ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو