پمپنگ اسٽيشنز کي لوڊ شيڊنگ کان آجو ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل سهڪار سان ئي شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون، ان سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا رمضان المبارڪ جي دوران صارفين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واٽر بورڊ سان مڪمل تعاون ڪندي واٽر بورڊ جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ موثر قدم کڻي، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ڪيو، هن جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ جي مختلف پمپنگ اسٽيشنن تي روزمره جي لوڊشيڊنگ، ڪيبل فالٽ ۽ پي ايم ٽي ۾ ٽيڪنيڪل خرابين سبب واٽر بورڊ جون مختلف پمپنگ اسٽيشنون سخت متاثر ٿي رهيون آهن جنهن سبب شهر ۾ پاڻي جي مسلسل فراهمي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا رمضان المبارڪ جي دوران صارفين جي پريشاني کي نظر ۾ رکندي واٽر بورڊ جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي تہ جيئن شهرين کي مسلسل پاڻي فراهم ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو