پلاسٽر جي پويان لڪيل جيل ڀريو تحريڪ جو نعرو هڻي پيو: مريم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جو نعرو اهو بزدل لڳائي رهيو آهي، جيڪو زمان پارڪ ۾ ٽنگن تي پلستر هڻي لڪي رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هن پنهنجي بچاءَ لاءِ زمان پارڪ ٻاهران ماڻهن کي سردي ۾ ڍال بڻائي رکيو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته جيل ڀرڻ جي تحريڪ کان اڳ زمان پارڪ ٻاهر ويٺل ٻارن ۽ عورتن کي شيلڊ بڻائي ڇڏيو، جيل ڀرڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻ کان اڳ قيادت کي اڳتي اچڻو پوندو، پهرين گرفتاري قيادت ڏئي ٿي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جنهن اپوزيشن ۽ ميڊيا کي جيلن ۾ وڌو اهو جيل ڀريو تحريڪ جو نعرو هڻي رهيو آهي، جيل ڀريو تحريڪ بدران ٻوڙي تحريڪ شروع ڪريو.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته مهانگائي جو وڏو سبب عمران خان جو آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو آهي، نااهلي سبب ختم ٿيندڙ دهشتگردي اڄ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو