پشاور ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، ابابيل فورس جو اهلڪار شهيد

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي ڦندو ٿاڻي تي موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.پوليس موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ابابيل فورس جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ابابيل اسڪواڊ جي اهلڪارن شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو.جنهن نه روڪيو ته پوليس انهن جو تعاقب ڪيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.پوليس موجب زخمي پوليس اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي اهلڪار گلبهار ٿاڻي ۾ ڊيوٽي تي مقرر هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو