پسند جي پرڻي جو جرڳو، جوڙي تي سڱ چٽي ۽ 2 لک ڏنڊ

ٺل(عبدالنبي شيخ) وهي کان موٽيل جوڙي ڳڙھي حسن جي رهواسي 41 ورهين جي عبدالغفور جمالي۽  53 ورهن جي بيواھ عورت صغران ميربحر جي گھران نڪري پسند جي پرڻي واري معاملي جو ڳڙھي حسن ۾ پ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ننڊي ڀاء سب رجسٽرار آصف علي سرڪي جي سر پئنچي هيٺ جرڳو ڪيو ويو، جنهن ۾ ميربحر ۽ جمالي ڌر جي بيانن بعد پريمي عبدالغفور جمالي مٿان ٻه لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو،جڏنهن ته پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت صغران ميربحر جي ڪک مان جنم وٺندڙ پهرين نياڻي جو پيٽ (سڱ چٽي) طور ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، فتوي موجب عورت صغران پهرين پيدا ٿيندڙ نياڻي جو سڱ امام بخش ۽ سعيد احمد ميربحر حوالي ڪيو ويندو،جرڳي جي فتوي موجب پريمي جوڙي کي نڪاح ڪرڻ جي اجازت هوندي ,۽ ٻنهي ڌرين پاران داخل ڪيس واپس ورتا ويندا. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پاران جرڳي ۾ نياڻين کي سڱ چٽي ڏيڻ تي پابندي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو