پسند جي شادي ڪندڙن تي ڪوڙا ڪيس، سکر پوليس کان تحفظ جو مطالبو

ٺڪراٺو(حضرت گل) ٺڪراٺو واسي پريمي جوڙي عبدللطيف مهتم ۽ ناري صنم ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جڏهن کان اسان پسند جو پرڻو ڪيو آهي ته اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ناري صنم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي مرضي سان عبداللطيف مهتم سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي پر منهنجا وارث منهنجي ور ۽ سندس خاندان مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪرائين پيا. ناري جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجا وارث علائقي جي هڪ بااثر وڏيري اسد انڍڙ سان ملي ڪري منهنجي ور ۽ سندس خاندان تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائين پيا.هن چيوته اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، اسان جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي. هنن ايڊيشنل آئي جي سکر ۽ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي جان کي خطرو آهي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو