پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو

ڀرياسٽي (رپورٽ مجيد ڪيريو) ڪراچي ۾ ملير جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو انيتا ڪلهوڙو ۽ آزاد ڪلهوڙو دربدري سبب پريشان آهن. هنن احتجاج ڪندي چيو آهي ته انيتا جا وارث ارشد ڪلهوڙو، گوهر ڪلهوڙو ، آصف ڪلهوڙو، ۽ ٻين سندن جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته پسند جي شادي جي اسلام به اجازت ڏئي ٿو پرمائٽن هرو ڀرو جي عزت جو مسئلو بڻائيندي اسانجي زنگي زهر ڪري ڇڏي آهي ۽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن. هنن الزام هنيو ته مٿي ڄاڻايل ماڻهو اسانکي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري خوشحال زندگي گذارڻ ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو