پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو

ڪنب (رپورٽ صفدرچانڊيو) پسند جي شادي ڪندڙ شڪارپور واسي جوڙي ڪنب ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته مائٽ ڪارو ڪري مارڻ چاهن ٿا، ٻن مهينن کا خيرپور جي عدالت ۾ شادي بعد دربدر آهيون. شهزادو مهر ۽ سندس وني ياسمين ڪنب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مون ساهرن کي 2 لک روپيا به ڏنا آهن ۽ معاملو طئي ٿي ويو هو پر برادري جي ڪجهه شرارتي ماڻھن جي چوڻ تي ٽي ڏينهن پهريان منهنجي سئوٽ گل حسن مهر کي پٽڙي پوليس روهڙي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. مّالف ڌر پوليس کي پيئسا ڏئي منهنجي سئوٽ مٿان تشدد پئي ڪرائي. جڏھن ته مسمات ياسمين ڌي سڪندر شيخ وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو پيء سڪندر ۽ منهنجا ڀائر صدام علي ۽ ذوالفقار علي شيخ ٻين شرارتي ماڻھن جي چوڻ تي اسان کي ڪارو ڪاري ڪري مارائڻ ٿا چاهين. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي مائٽن کي نبي شير مهر ۽ گل حسن هاليپوٽو روزانو ورغلائن ٿا ۽ علائقي ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا. جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي چيو ته کين تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو