پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ جو مطالبو

ميرپورماٿيلو(ن س) ڳوٺ دودو مهر جي سيما نائچ، ڳوٺ عبدالوهاب لنڊ جي احسان لنڊ سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، پريمي جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. هنن ميڊيا کي فون تي ٻڌايو ته بااثر وڏيرا اسان جي جان جا دشمن  بڻجي ويا آهن، ۽ اسان جي ڳولا ڪري رهيا آهن ۽ سندن زندگي کي خطرو آهي. هنن چيو ته اسان پيار جو پرڻو ڪيو آهي ڪو ڏوھ ناهي ڪيو، بااثر وڏيرو ديدار نائچ، جاويد نائچ، تنوير نائچ، آصف نائچ اسان کي مارائڻ چاهن ٿا. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو