ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مرڪزي بئنڪ گذريل مهيني پرڏيهه مان وصول ٿيندڙ رقم جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.اسٽيٽ بئنڪ موجب اوورسيز پاڪستانين جون 2023ع ۾ 2 ارب 18 ڪروڙ 40 لک ڊالر پاڪستان موڪليا، جيڪي مئي جي موڪلن جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ هئا.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته جون 2022ع جي ڀيٽ ۾ جون 2023 جي ترسيل 22 سيڪڙو گهٽ هئي، جڏهن ته مالي سال 2023 ۾ مزدورن جي ترسيل 27.2 بلين ڊالر هئي ۽ مالي سال 2022 ۾ مزدورن جي ترسيل 31.27 بلين ڊالر هئي.اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال 2023ع ۾ مزدورن جي ترسيل 13.6 سيڪڙو گهٽ رهندي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب مالي سال 2023ع ۾ سعودي عرب مان پاڪستاني مزدورن جي 6 ارب 44 ڪروڙ ڊالرن جي رقم موڪلي وئي جيڪا هن سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو گهٽ آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب جون 2023 ۾ سعودي عرب مان 515.1 ملين ڊالر، برطانيه کان 343.0 ملين ڊالر، يو اي اي مان 324.7 ملين ڊالر ۽ آمريڪا کان 272.3 ملين ڊالر آيا.
