ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سان تعلق رکندڙ اداڪار وسيم انصاري لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گهرواري سندس موت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو گذريل ڪجهه عرصي کان بيمار هو.وسيم انصاري”هم سب اميد سان هين“ ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي پيروڊي ڪندو هو.گهرڀاتين موجب اداڪار وسيم انصاري يوٽيلٽي بل جي ادائيگي لاءِ ويو هو ته اوچتو بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال نيو ويو پر هو بچي نه سگهيو.وارثن جو چوڻ آهي ته وسيم انصاري کي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد دفنايو ويو.
