لاهور (بيورو رپورٽ)لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.اڄ ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر پرويز الاهي جي پٽ راسخ الاهي جي آزادي تي اعتراض ڪيو.پراسيڪيوٽر چيو ته هو جوابدار جو پٽ آهي ان ڪري ضمانتي مچلڪا جمع نٿا ڪرائي سگهن، ضامن راسخ الاهي پاڻ به هڪ ڪيس ۾ جوابدار آهي، ڇا هڪ جوابدار ٻئي جوابدار کي ضمانت ڏئي سگهي ٿو؟ عدالت چيو ته ان معاملي تي ڪا به قانوني رڪاوٽ ناهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ضمانت تي جمع ڪرايل رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي رهيو آهي، ايف آءِ اي جو اعتراض نامناسب آهي، نواز شريف جي ڀاءُ شهباز شريف ضمانت ڏني هئي جڏهن ته شهباز شريف پاڻ به جوابدار آهي. وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جا اعتراض رد ڪندي پرويز الاهي جا ضمانتي مچلڪا منظور ڪيا
