پرويز الاهي اڊيالا جيل منتقل، نظربندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير جي نظربندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.جيل اختيارين موجب اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي صبح 5 وڳي ڪيمپ جيل مان ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ موٽروي ذريعي کيس اڊيالا جيل پهچايو ويو. پرويز الاهي کي 3 ايم پي او جي تحت نظر بند ڪيو ويو ۽ سندس نظربندي جا حڪم ڊپٽي ڪمشنر لاهور جاري ڪيا جيڪي 30 ڏينهن جي لاءِ آهن. جيل ذريعن موجب پرويز الاهي جو ڪيس هاءِ پروفائيل هجڻ سبب کيس حڪومت جي منظوري سان منتقل ڪيو ويو آهي. سندس اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو ڪيو ويو جڏهن ته ان جي جيل ۾ ڪلاس جي حوالي سان فيصلو اڃان ٿيڻو آهي.ٻئي طرف پرويز الاهي جي گهر واري قيصره الاهي مڙس جي نظربندي تي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان داخل ڪيل درخواست ۾ هن ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، گهرو وزارت ۽ آءِ جي جيل کي ڌر بنايو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي کي عدالت ۾ طلب ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ درخواست تي حتمي فيصلو ٿيڻ تائين کيس ٻئي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو