پروفيسر غلام شبير آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اياز علي ڪلهوڙو، علي رضا ڪلهوڙو، محمد فياض ڪلهوڙو، ثمران علي ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي گذريل سال 8 سيپٽمبر تي رات دير سان شيخ زيد ڪالوني مان کنڀي گم ڪيو جيڪو 18 مئي 2019ع تي آزاد ٿيو پر 8 مهينا 11 ڏينهن گذرڻ بعد ٻيهر کيس 28 جون رات دير سان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي آزاد ناهي ڪيو ويو. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو