انعام ڀٽي آزاد،گهر پهچي ويو،غلط فهمي سبب کنڀجي ويس،انعام

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) ايئرپورٽ تان کنڀي گم ڪيل مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو پروفيسر انعام ڀٽي آزاد ٿي ويو. انعام ڀٽي کي ترڪي ويندي 3 ڏينهن اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تان کنڀي گم ڪيو ويو هو. جنهن کي جمع تي شام  جو ڪراچي ڀرسان ڇڏيو ويو،  پروفيسر انعام ڀٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن کي غلط فهمي جي بنياد تي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ غلط فهمي دور ٿيڻ کانپوءِ کيس ڇڏيو ويو . هن ٻڌايو ته هو جڏهن ترڪي وڃڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل هو. ان دوران ڪجهه ماڻهو آيا، جيڪي کيس ايئرپورٽ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ بعد ۾ اکين تي پٽيون ٻڌي اڻڄاتل هنڌ کڻي ويا. کيس ايئرپورٽ تان کنڀي آيل ماڻهن هڪ لاڪ اپ ۾ رکيو ۽ کانئس ٻاهرين ملڪن جي تڪڙن دورن جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي، مٿس ڪنهن به قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو. کنڀي آيل ماڻهن جو ساڻس رويو به بهتر هو. انعام ڀٽي موجب هن کنڀي آيل ماڻهن کي ٻڌايو ته هو سنڌ جي هڪ وڏي يونيورسٽي جو پروفيسر آهي. سندس ٻاهرين ملڪن جا دورا تعليمي معاملن جي حوالي سان هوندا آهن. کيس کنڀي گم ڪرڻ بدران سڏي معلومات ورتي وڃي ها ته هو پاڻمرادو به سموري معلومات کين ڏيڻ لاءِ تيار هو. هن ٻڌايو ته ٽن ڏينهن تائين کانئس پڇاڳاڇا ٿيندي رهي ۽ مطمئن ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل ماڻهو کيس ٻيهر اکين تي پٽي ٻڌي ڪراچي ٻاهران رستي کان پري ڇڏي ويا، جتي هڪ ٽيڪسي به پاڻمرادو اچي بيٺي، جنهن ۾ هو گهر ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو