پرديسي پکين جي ميزبان لنگهه ڍنڍ ۽ پي پي حڪومت ۾ لاوارث ڀٽو بنگلو

پکو (رپورٽ عبدالوحيد ميئو)لنگھه ڍنڍ تي ناياب پرديسي پکين جي آمد شروع ٿي وئي آهي، هي پکي روس ۽ سائبيريا کان ھزارين ڪلوميٽر اڏار بعد هتي پهچم ٿا. پرديسي پکين جي اچڻ سان ڍنڍ جي فطري حُسن ۾ نکار اچي وڃي ٿو. پرديسي پکين جا نسلي اعتبار سان بايولاجيڪل نالا ته خبر ناهي ڇا هوندا ۽ ٿي سگهي ٿو هر ملڪ ۾ انهن جا نالا مختلف به ٿي سگهن ٿا پر مقامي ماڻهو پکين جي شڪل شبيهه ۽ رنگ نسل سبب جيڪي نالا پڪارين ٿا تن ۾ نيرڳ، ڪرڙو ، ٽگوش، آڙي ، چيڪلو ، نيري ڳچي وارو ، ٻٽير ، ڳھڻو ، رنگين بدڪ ، سائي چنھب وارو ، ڪوڪڙاٽ ، ڊگھو ٻگھو ، سانءِ , کڻياٺي وغيره شامل آهن.

هنن جي ڀانت ڀانت جي ٻولين جي ٻھڪار تي جيڪڏهن ڪو موسيقار ڌن ٺاهي ته ان جي ٻڌڻ سان روح کي راحت اچيو وڃي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڏيهي توڙي پرڏيهي مهمانن کي هن ناياب پکين جي پرسڪون آماجگاھ لنگهه ڍنڍ جو جتي سير ڪرائيندو هو ته کين شڪار به ڪرائيندو هو. قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پکو شھر ۾ واقع هن شاھڪار فطري سونھن جو مرڪز لنگهه ڍنڍ پکين جي تعداد جي لحاظ کان ضلعي جي ٻيو نمبر وڏي ڍنڍ آھي، جتي پرديسي پکي تمام گھڻي تعداد ۾ رھن ٿا.

ساريالي فصل جي لھڻ ۽ ٿڌيون پوڻ شرط ئي پرڏيھي پکي روس، سائبيريا، ازبڪستان، قازقستان ۽ ڪجهه يورپي ملڪن مان ھزارين ڪلوميٽر اڏار ڪري سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي لنگھه ڍنڍ تي پھچن ٿا. پکو ۽ ڀرپاسي ۾ ساريون هج توڙي ان جي ڳنري ۽ پن هي  پکي وڏي شوق سان کائين ٿا. صبح جو سوير، شام ٽاڻي يا واري ٽاهه جي صورت ۾ هي پرديسي پکي ولرن جي صورت ۾ جڏهن اڏرن ٿا ته لطيف سائين جي هن بيت جو مقصد به سمجهه ۾ اچيو وڃي ته “ولر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾”. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ڏرتي مٿان ڪو ڪڪر اچي ويو آهي.

اھڙي طرح رات جي پھر ۾ چوطرف پرديسي پکين جون ٻوليون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن، جن جي ٻولڻ جو سڄي رات سلسلو جاري رھندو آھي، جڏھن رات جو پويون پھر باک فٽڻ جو وقت ٿيندو آھي ته پرديسي پکي لنگھه ڍنڍ تي اچي گڏ ٿيندا آھن ۽ سڄو ڏينھن ڍنڍ جي پاڻي ۾ مهاڻن جي ٻارن جيان پيا تڙڳندا آھن. هي مهمان پکي آڪٽوبر مھيني ۾ اچڻ شروع ڪندا آھن ۽ ڪجهه مھينن جي ترسڻ  بعد موسم بهار ۾ هليا ويندا آهن پر موسمياتي تبديلين جي ڪري هنن جو به شيڊول مٽجي ويو آهي. ناياب پکين جي آمد بعد ڍنڍ تي سياحن جي اچ وڃ به وڌي وڃي ٿي. ملڪ جي مختلف شھرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر،  ميرپورخاص، ڪوئيٽه، خصدار ، خاران ، لاھور ، پنڊي ۽ ٻين شھرن مان ماڻهو فيملين سميت اچن ٿا. لنگھه ڍنڍ تي پرديسي پکين جي ٽولن ۽ رنگ برنگي قسمن جي گلن جي ھٻڪار سان لنگھه ڍنڍ جرڪي پئي آھي اڪثر ڪري شام جي پھر ۾ سياحن جا ميلا متل رھن ٿا. وائيلڊ لائيف کاتي پاران سياحن کي ناياب پکين ۽ قديمي لنگھه ڍنڍ بابت ڄاڻ مھيا ڪرڻ لاءّ گائيڊر مقرر ڪري ڇڏيا آھن , جيڪي سياحن کي معلومات سان گڏ تفريح پڻ ڪرائي رھيا آھن. ذوالفقار علي ڀٽو ھن ڍنڍ کي پسند ڪندو ھو ۽ پنھنجي پنڪي لاڏلي شھيد بينظير ڀٽو سان فيملي سميت ھن ڍنڍ تي اچي لطف اندوز ٿيندو ھو ، ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف پاڻ ايندو ھو پر عالمي اڳواڻن کي به هن ڍنڍ جو سير ڪرائيندو هو.

پيپلز پارٽي کي 12 سال لڳاتار حڪومت ۾ ٿيا آهن پر ڀٽو بنگلو ويران آهي

هن ڍنڍ تي آيل مهمانن جو ڪو رجسٽر ته رکيل ناهي پر وڏڙا ٻڌائين ٿا ته ايران جو شھنشاھ رضا شاھ پھلوي ، لبيا جو ڪرنل قذافي، فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات، سعودي بادشاھ شاھ فيصل، برطانيا جو سر جان مارشل، جرنل سائمن لوئز، ترڪي جو ولي عهد  شھزاده عمر طيب اردگان، دبئي جو شهزادو سلطان قاسم بن يعقوب، چيني اڳواڻ ۽ ٻين ڪيترن پرڏيھي اڳواڻن هي ڍنڍ گهمي هئي ۽ خوب لطف ماڻيو هو. ايوب خان، خواجا ناظم الدين، اڳوڻو وزير اعظم اسڪندر مرزا ۽ ڪابينا جا ميمبر ڀٽو صاحب سان ھن ڍنڍ جو سير ڪري چڪا هئا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پرڏيھي سربراھن جي اچڻ جي ڪري ڍنڍ جي خشڪ ايراضي تي ھڪ ريسٽ ھائوس پڻ جوڙايو ھو جيڪو ڀٽو جي بنگلي سان علائقي ۾مشھور آھي. ڀٽي صاحب تفريح لاءِ ھڪ موٽر بوٽ پڻ رکرائي ھئي جيڪا اڄ زبون حالت ۾ لنگھه ڍنڍ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي لاوارث بڻيل قومي ورثي جي اهڃاڻن جيان پئي آھي. پرديسن ناياب پکين جي اچ وڃ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو لنگھه ڍنڍ کي هيچري کاتي مان ڪڍي وائيلڊ لائيف کاتي جي عملي کي مقرر ڪري ڇڏيو ھو ۽ اڄ تائين ھي ڍنڍ وائيلڊ لائيف کاتي جي نگھباني ۾ آھي. 98 ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل لنگهه ڍنڍ علائقي ۾ تفريح جي لحاظ کان ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي پر سنڌ جي ٻين اياحتي ماڳن جيان سرڪار جي بي حسي جو منظر به پيش ڪري ٿي.

لنگھه ڍنڍ جي انچارج انسپيڪٽر شيرمحمد مغيري ٻڌايو ته قمبر جي مڙني ڍنڍن ڍورن تي وائيلڊ لائيف عملو مقرر ڪري اتي ايندڙ  مهمان پکين جي تحفظ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ٿا ۽ سندن نسل بچائڻ لاءِ شڪارين خلاف ڪاروائي به ڪئي ويندا آهي. اسين ھڪ ٽيم تشڪيل ڏني آھي جيڪا علائقي جو وزٽ ڪندي ۽ پکين جي حفاظت لاءِ شڪارين کي منع ڪندي آهي. سرڪاري دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت شايد ان جي برعڪس آهي. سنڌ جي سياحت کاتي کي گهرجي ته هو هن تاريخي ڍنڍ تي سياحت جون سهولتون فراهم ڪري هن ماڳ کي آباد ڪري ته مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو به بڻجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو