پراسرار وائرس سبب 4 پٽن سميت والد بيهوش، 2 ڀائر فوت

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ پيءُ 4 پٽن سميت اچانڪ بخار اچڻ کان پوء بيھوش ٿي ويا جن کي سول اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتان ڊاڪٽرن کين سکر ريفر ڪيو. جتي هڪ ئي ڏينهن ۾  اعجاز انڍڙ جا ٻھ پٽ پندرنھن سالن جو معين ۽ 18 سالن جو مجيب انڍڙ فوت ٿي ويا ۽  اعجاز انڍڙ ٻن پٽن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. ابتدائي اندازي موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پراسرار وائرس ٿي سگهي ٿو پر ٽيسٽ بعد خبر پوندي. ڊاڪٽرن زهريلي کاڌي جي امڪان کي رد ڪيو آهي ۽ سندن چوڻ هو ته کاڌو ته ٻين ڀاتين به کاڌو پر اهي ٺيڪ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو