پاڻي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ (ن س)خيرپور ناٿن شاھ پاڻي جدوجهد ڪميٽي پاران رائيس ڪئنال ناراڊسٽري سميت سمورن ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٻئي ڏينھن به ڪميونٽي سينٽر اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ جاري تفصيل موجب خيرپور ناٿن شاھ ۾ پاڻي جدوجهد ڪميٽي پاران رائيس ڪئنال ناراڊسٽري سميت سمورن ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڪميونٽي سينٽر اڳيان سھيل چانڊيو، فقير علي حسن جانوري، غلام محمد گاڏھي، سومر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينھن به بک هڙتالي ڪئمپ جاري ساري آھي ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته پاڻي کوٽ خلاف رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ نارا ڊسٽري سميت بيگوديرو شاخ ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي اڻھوند ھجڻ ڪري واري اڏامي رھي آھي جڏھن ته آبپاشي وارا معاشي قتل ڪري رھيا آھن پاڻي جو مسئلو جيسيتائين تائين حل نه ڪيو ويندو احتجاج جاري رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو