پاڻي کوٽ خلاف آبادگار ن پاران احتجاجي ڌرڻو

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آبادگارن پاران ايريگيشن آفيس ٻاھران ايس ڊي او ايريگيشن خلاف سخت گرمي ۾احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي حاجي گل حسن پنھور,جان محمد پنھور  ,حاجي الاھي بخش ڪلھوڙو ,سيٺ منظور ٻٻر,وڏيرو ڄام پنھور؛صاحب خان جلباڻي؛ اسرار سرڪي؛ عيدن ڪوري ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جون شاخون سڪي ويون آهن جڏهن ته دادو ڪينال ۾ پنج مور کان هيٺ پاڻي ڏنو وڃي ٿو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج دوران ھڪ آبادگار جان محمد پنھور پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي آبادگارن پاڻ ساڙڻ کان بچائي ورتو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بکراڻي,پپري ,خدآباد ,ڦڪا شاخ ۾ پاڻي نه پيو اچي 5 مور جا دروزا 2 ھفتن کان بند آھن جلد 5 مور جا دروازا کوليا وڃن ان موقعي آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسانجي شاخن جا دروازا غير قانوني بند ڪيا ويا آهن اسان جي شاخن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري اسانجون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن بي روزگار بڻجي ويا آهيون هنن مطالبو ڪيو ته فورن پنج مور کان غير قانوني دروازا بند ڪيل کولي ڦڪا؛ خداآباد؛ پپري؛ بکراڻي شاخن کي پنهنجي حصي جو زرعي پاڻي ڏنو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو