پاڻي کوٽ جو فصلن کي نقصان آهي،زرعي ماهر

حيدر آباد ( رپورٽر ) سنڌ ۾ زرعي ترقي لاءِ آبادگارن کي زرعي ڀاڻ جي ضروري استعمال لاءِ ٻيجاري جي پوکائي وقت سر ڪرڻي پوندي، مويا شهر ۾ زرعي سيمينار کي خطاب ڪندي انوا ايگري سلوشن سنڌ جي ڊائريڪٽر زرعي ماهر حاجي خان چانهيو چيو ته زرعي زمين ۾ ڀاڻ جي استعمال جا جديد طريقا اچي ويا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آسان طريقو پوکائي واري مرحلي کان شروع ٿئي ٿو ، سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي واهن اندر شديد کوٽ آهي پر سنڌ جي زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ، جنهن ۾ آبادگارن ۽ هارين جي محنت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پاڻي جي کوٽ باوجود پوکائي واري عمل کي زمين کي سم ڪلر ۽ تباهي کان بچائڻ لاءِ ٻيجارن ذريعي پوک ڪرڻ گهرجي جيڪو عمل رڪجي وڃڻ سان زمين فصل ڏيڻ کان محروم ٿي سگهي ٿي، زمين کي صرف زراعت ۾ ترقي ڏيارڻ لاءِ کيڙائي جي عمل کانپوءِ پوکائي لازمي ڪرڻ گهرجي، سيمينار کي حيدرآباد ريجن جي شمن عزيز سولنگي، قاضي شمس ٻانڀڻ ، عبدالشڪور ترڪ ، آبادگار اڳواڻ ناٿو لاشاري ، سهراب مهيري ، علي نواز باگراڻي ، رضا محمد پنهور ، غلام رسول باگراڻي ، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي سارين جي پوکائي تي گهڻو زور ڀريو جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ واري اهم اشو تي سنڌ حڪومت جي طرفان پهريون ڀيرو اسيمبلي جي اندر ڀرپور آواز اٿارڻ کي بهتر قدم قرار ڏنو ، سنڌ ۾ پاڻي جي هميشه کوٽ رهي آهي جنهن جي ڪري فصلن کي نقصان ٿئي ٿو پر سنڌ جي آبادگارن پنهنجي زراعت کي پنهنجي وس آهر مڪمل تباھ ٿيڻ کان هميشه بچايو آهي، هنن اهو به ٻڌايو ته سنڌ جي زراعت پوري ملڪ جي قومي سرمائي ۾ اهم ڪردار بڻيل آهي، جنهن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي زراعت ڏانهن خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو