پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا، احتجاج

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) مانجهند ۾ گذريل  5 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شھرين دلا مٽ ۽ ٿانو کڻي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ( پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ) ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي شھرين لياقت علي ،حيدر ملاح، اعجاز ميمڻ ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شھري پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن پر انتظاميه وٽ بجيٽ ھئڻ باوجود اسڪيم کي هلائڻ لاءِ تيار ناهي ڪامورا 5 ڏينهن گذرڻ باوجود لاپتا ٿيل آھي جنهن سبب شھر جي 20 هزار آبادي شديد گرمين ۾ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي کي بلاڪ ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو