پاڻي مسئلو حل نه ٿيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکيائيون ٿينديون،وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي هت اڃا تائين صوبا پاڻي چوريءَ تي گوڙ ڪري رهيا آهن، پاڻي مسئلو حل نه ٿيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو، اسلام آباد ۾ ماحولياتي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته پهرين شاخن ۾ پاڻي ملندو هو، هاڻي ته نلڪن ۾ به پيئڻ جوڳو پاڻي نه ٿو ملي، وزيراعظم چيو آهي ته وقت سر قدم نه کنيا ته ايندڙ ڏينهن ۾ زرعي پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، ماضي ۾ درياهن کي بدترين نموني گدلو ڪيو ويو، گلوبل وارمنگ جا به پاڪستان سوڌو سموري دُنيا تي اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي، دنيا مڃيو ته پاڪستان کي ايندڙ نسل جي فڪر آهي، ڪي پي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، قدرتي ماحول جي بحالي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، عمران خان چيو آهي پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، بد قسمتي سان دنيا ۾ ماحوليات کان بچاءُ تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جي ڏسندي ڏسندي جنگل تباهه ڪيا ويا ويا ۽ قبضا ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو