زمين جي جهيڙي تان جهيڙو،فائرنگ ۾ هڪ فوت 4 زخمي

زمين جي جهيڙي ۾ قتل جا گرفتار ڪيل جوابدار

درياخان مري(ارباب علي مري) ڳوٺ فضل محمد مري ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين تان جھيڙو فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 45 ساله ذوالفقار مري پٽ علي حسين مري قتل ٿي ويو. فوتي جي وارثن موجب مير مرتضي مري حمايت مري ۽ جيئندو مري ذيشان علي  فائرنگ ڪئي، جنھن ۾  45 ساله ذوالفقار مري پٽ علي حسين مري قتل ٿي ويو، جڏھن ته  احسان علي، ارشاد علي، نسيم عباس ۽ غلام مرتضي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

پوليس واقعي واري ھنڌ  پھچي لاش پھنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري رهي آهي. پوليس 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا جن ۾ حمايت مري, مير مرتضي مري ۽ عبدالحسين شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو