پاڻي بحران ناهي، سنڌ غلط انگ اکر ٻڌائي پيو،ارسا

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ارسا ترجمان چيو آهي ته پاڻي ورڇ ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نه پئي ٿئي، دريائن ۾ پاڻي نه اچڻ جي ڪري ڪجهه ڏينهن کان پاڻي جي قلت هئي پر هاڻي صورتحال قابو ۾ آهي. ارسا جي ترجمان خالد رانا هڪ بيان ۾ چيو ته واٽر اڪارڊ تحت پاڻي سڀني صوبن ۾ ورهايو پيو وڃي، ڪپهه جي پوک دوران پنجاب کان وڌيڪ پاڻي سنڌ کي ڏنو ويو. سنڌ رڳو 4 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏنو، جڏهن ته پنجاب کي 16 سيڪڙو کوٽ پلئه پئي. هاڻي پاڻي ڏکڻ پنجاب کي ڪپهه جي لاءِ ڏنو پيو وڃي ۽ سڀني صوبن کي انهن جي حصي مطابق پاڻي ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته تونسا پنجند لنڪ ڪينال تي پاور هائوس قائم ڪرڻ جو منصوبو ارسا ۾ غور هيٺ ناهي. چشما جهلم لنڪ ڪينال مان گريٽر ٿل ڪينال وسيلي پنجاب کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ھن وقت ڊيمن ۾ ھڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود آھي. ارسا پنهنجو پورو حصو بلوچستان کي فراهم ڪري رهيو آهي پر سنڌ به بلوچستان جي پاڻي جو پنهنجو حصو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ بلوچستان 61 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ پڻ پاڻي جا غلط انگ اکر فراهم ڪري رهيو آهي ۽ لائين لاسز به وڌائي ٻڌائي رهيو آهي. هن وقت سنڌ کي 71 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، هن وقت تائين منگلا ڊيم کان 700،000 ايڪڙ فوٽ پاڻي سنڌ کي فراهم ڪيو آهي، سنڌ هن وقت تائين 46 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏي چڪو آهي، ارسا جو ڪراچيءَ کي پاڻي ڏيڻ ۾ ڪوبه ڪردار ناهي اهو سنڌ جو اندروني معاملو آهي، هن چيو ته سنڌ صوبي کي اڃا تائين خريف جي موسم ۾ 2.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ڪيو ويو آهي، ارسا ترجمان چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال تي ڪو به تڪرار ناهي، پنجاب ارسا جي اجازت سان انهن واهن مان پاڻي جو پنهنجو حصو وٺي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو