پاڪ چين ٻطرفي واپار ۾ وڏو اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن واپار ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان جي چين ڏانهن روانگي واپار ۾ جولاءِ کان جنوري تائين 46 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اهي برآمدات هڪ ارب 72 ڪروڙ 14 لک ڊالرن جي هئي.ذريعن موجب گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ چين ڏانهن برآمدات جو حجم هڪ ارب 18 ڪروڙ ڊالر هو.حڪومتي ذريعن موجب جولاءِ کان جنوري تائين چين مان درآمدات 7 ارب 71 ڪروڙ 60 لک ڊالر هئي، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ 7 ارب 66 ڪروڙ ڊالر هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو