پاڪ ايران سرحدي لنگهه 24 ڪلاڪ کليل رکڻ تي اتفاق

پاڪ ايران سرحدي لنگهه 24 ڪلاڪ کليل رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۽ ايران اربع ڏينهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته سرحدي گذرگاهن کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ، لاجسٽڪ نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪسٽم جي طريقيڪار کي هم آهنگ ڪرڻ ذريعي ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.
اهو اتفاق وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار واري وزير محمد اتابڪ جي سربراهي ۾ آيل 6 رڪني ايراني وفد وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو، جنهن جي تصديق وزيراعظم آفيس جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي.
بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي ويجهي برادر پاڙيسري ملڪ ايران سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو: “پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو.”
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هن تازو ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان-ايران لاڳاپن، خاص طور تي واپار، کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت نتيجه خيز ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جون مسلسل ڪوششون قيادت طرفان مقرر ڪيل 10 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار واري هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
شهباز شريف چيو: “واپار ۾ واڌ سان ٻنهي ملڪن کي خاص طور خوراڪ، زرعي شين ۽ لاڳاپيل شين جي شعبي ۾ وڏو فائدو ٿيندو.”
سرحدي واپار کي هٿي وٺرائڻ
بيان موجب، ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سرحدي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ سرحدي گذرگاهن کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جون سهولتون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
ٻنهي ڌرين کاڻين (Mining) جي شعبي ۾، خاص طور قيمتي پٿرن جي پروسيسنگ ۽ انهن جي قدر ۾ واڌ (Value Addition) بابت سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.
ايراني وزير جو ردعمل
ايراني وزير محمد اتابڪ پاڪستان طرفان شاندار آجيان ۽ بهترين مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي علائقائي امن لاءِ مخلص سفارتي ڪوششن ۽ ايران سان يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو.
اتابڪ چيو: “ايران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.”
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي (Free Trade Agreement – FTA) بابت فني سطح تي ڳالهيون هن وقت جاري آهن.
واپار کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو عزم
اڱاري ڏينهن به ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفي واپار کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو هو.
پاڪستان جا نوان ٽرانزٽ رستا
ياد رهي ته اپريل ۾ پاڪستان جي واپار واري وزارت گوادر ۽ ڪراچي جي سامونڊي بندرگاهن ذريعي ايران ڏانهن سامان جي آمدرفت لاءِ ڇهه نوان ٽرانزٽ رستا باضابطه طور جاري ڪيا هئا.
اهو قدم انهن رپورٽن کانپوءِ کنيو ويو هو، جن موجب ايران ڏانهن ويندڙ هزارين ڪنٽينر پاڪستاني بندرگاهن تي ڪليئرنس جا منتظر هئا.
سرحدي واپار لاءِ نوان قدم
هن سال مارچ کان وٺي پاڪستان ۽ ايران سرحدي واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾: ڪسٽم جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، تفتان کي باضابطه ڪسٽم اسٽيشن جو درجو ڏيڻ، ۽ سامان جي آمدرفت لاءِ نون ٽرانزٽ رستن جو اعلان شامل آهي.
اهي قدم وچ اوڀر ۾ جاري آمريڪا-ايران تڪرار جي پسمنظر ۾ کنيا ويا آهن، جنهن سبب نه رڳو علائقي پر ان کان ٻاهر جي معيشتن تي به منفي اثر پيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو