پاڪ افغان ڇڪتاڻ، سرحدي رستا 11 هين ڏينهن به بند

پاڪ افغان ڇڪتاڻ، سرحدي رستا 11 هين ڏينهن به بند

چمن (ويب ڊيسڪ)پاڪ-افغان ڇڪتاڻ جي ڪري چمن ۾ باب دوستي، خيبر ۾ طورخم سرحد، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ڪرم ضلعي جي سرحدي ڪراسنگ 11 هين ڏينهن به مڪمل طور تي بند آهن.سرحدي ڪراسنگ جي بندش واپار، آمد و رفت ۽ مقامي معاشي سرگرمين کي سخت متاثر ڪيو آهي.سرحد تي مال بردار گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جيڪي لکين رپين جو سامان کڻي وڃن ٿيون، جن ۾ سيمينٽ، دوائون، ڪپڙا، تازا ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. سرحد سيل ڪرڻ سان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ڪم لاءِ روزانو افغانستان ويندڙ سوين مزدور پڻ سخت متاثر ٿيا آهن.چمن ۾ ڪسٽم عملدارن موجب، باب دوستي اڃا تائين هر قسم جي تجارتي سرگرمين ۽ ويزا پاسپورٽ سفر لاءِ بند آهي. جنهن جي ڪري هزارين مسافر سرحد جي ٻنهي پاسن تي ڦاٿل آهن.رپورٽن موجب، صرف چمن ۾ 5,000 کان وڌيڪ پاڪستاني شهري پنهنجي واپسي جو انتظار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو