پاڪستان ۾ تڪراري عيد الفطر ملهائي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ عيد الفطر تڪراري بڻجي وئي، سعودي عرب ۽ افغانستان سان گڏ عيد ملهائڻ جي چڪر ۾ چنڊ ڏسڻ جي ڪا مستند شهادت نه ملڻ جي باوجود به پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عيد ڪورونا سبب سادگي سان ملهائي وئي. پشاور جي مفتي شهاب الدين پوپلزئي پاران زوري عيد ڪرڻ جي اعلان بعد مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي به خميس تي عيد جو اعلان رات جو پوڻي ٻارهين وڳي ڪيو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جڏهن عيد جو اعلان ڪيو ته سندس ڪميٽي جي ميمبر مفتي ياسين ظفر جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي جنهن ۾ هو چوي ٿو چنڊ نظر ناهي آيو هي زوري عيد ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزيرفواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به چنڊ نظر ناهي آيو جن اعلان ڪيو آهي انهن ڪوڙ ڳالهائي مقدس مهينو ختم ڪيو آهي اها ڪٿان جي عقلمندي آهي. ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا ۾ به چنڊ نظر نه آيو ۽ هو جمعي تي عيد ملهائيندا. مفتي طاهر اشرفي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن عيد ڪرڻ خاطر اهڙو فيصلو ڪيو ويو. هوڏانهن مفتي منيب الرحمان اعلان ڪيو آهي ته جمعي تي هڪ قضا روزو رکو ۽ اعتڪاف وارا به هڪ ڏينهن قضا اعتڪاف ۾ ويهن. بلاول ڀٽو نئون ديرو ۾ ايس او پيز مطابق عيد پڙهي.

پهنجو تبصرو موڪليو