اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جو پکڙجڻ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.صحت واري وفاقي وزارت جي عملدارن موجب هلندڙ سال هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جا 9 هزار 773 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽ پاڪستان ۾ هلندڙ سال هر مهيني ايڇ آءِ وي جا 1000 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.اختيارين جو چوڻ هو ته گذريل 10 مهينن ۾ سڀ کان وڌيڪ نوان ايڇ آءِ وي ڪيس پنجاب ۾ سامهون آيا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر مهيني لکين ماڻهن جا ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائي رهيون آهن، جنهن سبب نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته هم جنس پرستن ۽ طبي ادارن ۾ انفيڪشن ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب ايڇ آءِ وي پکڙجي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايڇ آءِ وي جا ڪيس هيپاٽائيٽس سي وانگر لکين تائين پهچي سگهن ٿا.










