پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چين جي نائب وزيراعظم هي لي فنگ جو چوڻ آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم منصوبو آهي، سي پيڪ تحت اربن ريلوي، فائبر آپٽڪ سميت مختلف منصوبا لاڳو ڪيا ويا.اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ سي پيڪ جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب کي خطاب ڪندي چين جي نائب وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سماجي ترقي جو دور سي پيڪ سان شروع ٿيو، سي پيڪ چين ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي نئين دور جي شروعات آهي. پاڪستان سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو حصو آهي.چيني نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان گهڻي آهي، پاڪستان ۽ چين جا تاريخي دوستاڻا لاڳاپا آهن.ان کان اڳ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايم ايل ون جي فريم ورڪ ۽ قراقرم هاءِ وي جي ريئل لائننگ سميت چين سان اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن سان اقتصادي سهڪار ۾ اضافو ٿيندو. .

پهنجو تبصرو موڪليو