پاڪستان ۽ ايران ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل اپائن تي اتفاق

تهران (م ڊ) پاڪستان ۽ ايران ۾ گڏيل نموني دوهشتگردي کي منهن ڏيڻ تي اتفاق، ٻنهي ملڪن جا سيڪورٽي چيف جلد ملاقات ڪري طريقه ڪار طئي ڪندا. اهڙو اظهار پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر تفصيلي ڳالهه ٻولهه بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. عمران خان چيو ته دهشتگردي جا واقعا ٻنهي ملڪن جا تعلقات خراب ڪن ٿا ۽ اختلافن جو سبب بڻجن ٿا. پاڪستان چيو ته 18 اپريل تي اورماڙا ۾ بسون روڪي 14 اهلڪارن کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ بلوچ شدت پسند ايران فرار ٿي ويا ۽ افسوس آهي ته ايران هن مهل تائين انهن خلاف ڪو قدم ناهي کنيو. عمران خان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ خاص ڪري ايران جي بنيادي صحت واري نظام جي تجربي مان پرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف گڏجي اواز اٿارڻ تي به زور ڀريو. ايراني صدر چيو ته بدقسمتي سان سرحدي ڇڪتاڻ سبب ٻه طرفه تعلقات خراب ٿين ٿا. هن چيو ته 8 ڪروڙ ايراني ۽ 21 ڪروڙ پاڪستاني آهن پر ٻئي ملڪ تجارتي طور ان جو فائدو حاصل ڪرڻ م ناڪام ٿيا آهن. ايران گوادر ۽ چابهار ۾ تعاون وڌائڻ، پاڪستان جي گيس، تيل ۽ بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پيشڪش ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا تعلقات ڪنهن ٽئين ملڪ جي ڪري خراب ٿيڻ نه گهرجن. ٻنهي ملڪن ۾ شين جي مٽا سٽا لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هو ڪالهه تهران ويندي مشهد ۾ رڪيو هو جتي هن زيارت ڪئي هئي. مبصرن جو خيال آهي ته بظاهر گڏيل پري ڪانفرنس مان ته ائين پيو لڳي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪو وڏو بريڪ ٿرو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو