پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ ترجيح آهي: وزيراعظم

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ڪاروباري دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.بيجنگ ۾ پاڪ چين دوستي ۽ ڪاروباري استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين دوستي هر موقعي تي ثابت ٿي آهي ۽ هر امتحان کي پورو ڪيو آهي، اهڙي دوستي جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي.شهباز شريف چيو ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان کي ڪاروباري دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي.چين جي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته مختصر مدت ۾ چين جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.شهباز شريف چيو ته بشام ۾ چيني شهرين تي حملو پاڪستان مخالف عنصرن ڪيو ۽ ان حملي جي رٿابندي انهن ماڻهن ڪئي، جيڪي سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جا دشمن آهن، سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو