پاڪستان کي ٽيون ڀيرو شڪست، نيوزي لينڊ کي برتري حاصل

ڊنيڊن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ پاڪستان کي مسلسل ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي فيصلي واري برتري حاصل ڪري ورتي،نيوزيلينڊ جي شهر ڊنيڊن ۾ جاري پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو،نيوزيلينڊ طرفان اننگز جي شروعات ڪندڙ بيٽسمين فن ايلن 62 بالن تي 16 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 137 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽم سيفرٽ 31 ۽ گلين فلپس 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا،پاڪستان طرفان حارث رئوف 4 اوورن ۾ 60 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ڪپتان شاهين آفريدي، زمان خان، محمد نواز ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي،225 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ئي ٺاهي سگهي،بابر اعظم 58 رنسون ٺاهيون، ان کان علاوه محمد رضوان 24، وسيم ايوب 10، فخر زمان 19، اعظم خان 10، افتخار احمد 1 ۽ محمد نواز 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا،ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 16 ۽ وسيم جونيئر هڪ رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو