پاڪستان کي معاشي استحڪام لاءِ سڌارا تيز ڪرڻ گهرجن: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي معاشي استحڪام لاءِ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.هڪ بيان ۾ پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿ پريز چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ متاثرن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ امداد فراهم ڪرڻ چاهي ٿو، ان ڪري امداد متاثرن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي وڃي.هن چيو ته پاڪستاني اختيارين سان پاليسي ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ بحالي واري منصوبي جي بروقت تياري به ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو