اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 12 جولاءِ تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان جي قرض جي معاهدي جي منظوري ڏني ويندي.آءِ ايم ايف اختيارين موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي قرض جي پهرين قسط جاري ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي پهرين قسط جي رقم هڪ ڏهين هڪ (1.1) بلين ڊالر هوندي.
