پاڪستان کي اسرائيل جي انساني حقن بابت مشوري جي ضرورت ناهي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستان خلاف اسرائيلي بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 53هين اجلاس ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت رپورٽ تي بحث دوران اسرائيلي نمائندي پاڪستان تي تنقيد ڪئي ۽ اجلاس دوران جبري گمشدگين، تشدد، پرامن احتجاجن تي ڪريڪ ڊائون ۽ مذهبي تشدد روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسرائيل جي بيان کي پاڪستان جي اندروني سياست ۾ مداخلت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاڪستان جي يونيورسل پريڊڪ رپورٽ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان کي فلسطينين تي ظلم ڪندڙ ملڪ جي ڪنهن به مشوري جي ضرورت ناهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب فلسطينين تي اسرائيلي ظلم جي ڊگهي تاريخ کي نظر ۾ رکندي اسرائيل انساني حقن تي پاڪستان کي مشورو نٿو ڏئي سگهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي بيان جو سياسي محرڪ گڏيل قومن جي اجلاس جي هاڪاري لهر ۽ وڏي اڪثريتي رياستن جي بيانن جي تضاد آهي.ان حوالي سان وڌيڪ جواب ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي چيو ته اسرائيل کي اسان جي اندروني مسئلن تي ڳالهائڻ جو ڪو حق ناهي، اهو پهريون ڀيرو آهي ته اسرائيل جو نمائندو پاڪستان کي مشورو ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو