پاڪستان کي آئي ايم ايف جو قرض ڏيڻ جو آمادگي خط موصول

پاڪستان کي آئي ايم ايف جو قرض ڏيڻ جو آمادگي خط موصول

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان کي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ليٽر آف انٽينٽ ملي ويو آهي. خط تي پاڪستان طرفان صحيحون ڪيون وينديون ۽ آءِ ايم ايف کي واپس موڪليو ويندو، پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام کي بحال ڪرڻ لاءِ صرف بورڊ جي منظوري ڇڏي ويندي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ استحڪام جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر اڄ 3 رپيا 60 پئسا گهٽتائي سان 205 رپيا 25 پيسا جو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جي قسط ادا ڪرڻي آهي، جنهن لاءِ پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ جون اڳواٽ شرطون به پوريون ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو