پاڪستان ڀارت کي امداد جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پاڪستان ڀارت کي عالمي وبا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ امداد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري موجب پاڪستان ڀارت کي وينٽي ليٽرز، ڊيجيٽل ايڪسري مشين سميت لاڳاپيل  شيون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪورونا جي لهر جي حوالي سان ڀارت جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي آڇ ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپيل اختيارين امدادي سامان جي فراهمي لاءِ طريقيڪار تي ڪم ڪري سگهن ٿا.ياد رهي ته ڀارت ۾ عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيل صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو