پاڪستان ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪسٽ ڏئي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

دبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ شاندار فتح سان کاتو کوليندي ڀارت کي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. پهريون ڀيرو پاڪستان 10 وڪيٽن تان کٽيو آهي، 17.5 اوورز ۾ پاڪستان گهربل 152 رنز ٺاهيون. شاهين آفريدي کي مين پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي هر حربو آزمايو هر هر بالر مٽائيندو رهيو پر سڀ بالر پاڪستاني اوپنرز آڏو بيوس بڻيل رهيا. محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٻنهي ففٽيون ٺاهيون وڪيٽ جي هر طرف شاٽ کيڏيا ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

اڳ ۾ بابر ففٽي مڪمل ڪئي بعد ۾ رضوان ففٽي هنئي. 25 بالن تي 25 رنس گهربل هيون پر هو آخر تائين ميچ کي کڻي ويا. ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن آساني سان هو کيڏي رهيا هئا ميچ اڳ ۾ ختم ڪري پئي سگهيا ۽ ان سان پاڪستان کي بهتر رن ريٽ ملي ها. رضوان 79 ۽ بابر 68 تي ناٽ آئوٽ رهيا.

ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وڏي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بابراعظم فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسانجي ٽيم بيلنس آهي ڪوشش ڪري ميچ کٽينداسين. 12 رڪني اسڪواڊ مان حيدر علي کي نه کيڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو ته اسين به ٽاس کٽي فيلڊنگ ڪيون ها پر ڇا ٿ ڪري سگهجي. هن چيو ته اسانجي ٽيم بهتر آهي تياري به سٺي آهي اميد ته کٽينداسين ڀارت اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 151 رنز ٺاهيون. شاهيرن آفريدي پهرين اوور ۾ 2 رنز ڏئي پهرين بال تي روهٽ شرما کي ايل بي ڊبليو ڪيو. ٻيو اوور عماد وسيم ڪرايو، آفريدي ٻئي اوور ۾ راهول کي 3 رنسن تي بولڊ ڪري ڇڏيو. جنهن بعد حسن علي پهرين اوور ۾ بريڪ ٿرو ڪندي سوريا ڪمار کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ ڀارت جا 3 ٽاپ آرڊر بيٽسمين 31 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ڪپتال ڪوهلي ۽ رشڀ پانٽ بيٽنگ جاري رکي ۽ اسڪور اڳٽي وڌايو۽ تيرينهن اوور ۾ پانٽ 39 رنز ٺاهي اونچي شاٽ جي چڪر ۾ آئوٽ ٿيو. 86 تي ڀارت 4 آئوٽ ٿيا. حسن علي ارڙهين اوور ۾ جديجا کي 13 رنز تي ڪيچ ڪرائي ٻئي وڪيٽ ورتي، هن 12 بال کيڏيا. ڀارت جا 127 تي 5 آئوٽ ٿي ويرات ڪوهلي 17هين اوور ۾ ففٽي مڪمل ڪئي، پر شاهين آفريدي 19هين اوور ۾ کيس ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو، رضوان شاندار ڪيچ پڪڙيو. آخري اوور حارث رئوف ڪرايو جنهن پانڊيا کي 11 رنز تي بابراعظم هٿان ڪيچ ڪرائي وڪيٽ ورتي، هن آخري اوور جو آخري بال وائيڊ ڪيو انڊيا جي 150 رنز مڪمل ٿيون، ڀارت مقرر اوورز ۾ 151 رنز ٺاهيون. .

.

پهنجو تبصرو موڪليو