اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان سائبر سيڪيورٽي جي ميدان ۾ اهم ترقي ڪئي آهي، هندستان ۽ اسرائيل جي سائبر حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اينڊ پوائنٽ ڊيٽيڪشن ۽ رسپانس اينٽي وائرس تيار ڪري ورتي،ذريعن موجب سڀني سرڪاري ڪمپيوٽرن تي اي ڊي آر سسٽم پڻ نصب ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد هيڪنگ ۽ سائبر حملن کي روڪڻ آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان تي اڪثر سائبر حملا هندستان يا اسرائيل کان ايندا آهن.










