پاڪستان ٽيم ۾ نظم و ضبط جو سبب اسلام آهي: هيڊن

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آسٽريلوي اوپننگ بيٽسمين ميٿيو هيڊن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ميدان ۾ ۽ ٻاهر نظم و ضبط تي رکڻ ۾ اسلام جو وڏو ڪردار آهي.اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي پاڪستاني رانديگر اڱاري ڏينهن ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچ دوران تبصرو ڪندي ڪيو.ميٿيو هيڊن چيو ته پاڪستاني ٽيم اسلام جي مذهب تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي ٿي جيڪا رانديگرن لاءِ اهم آهي، پاڪستاني ٽيم ۾ نظم و ضبط مثالي آهي جنهن کي مان هميشه ساراهيان ٿو، آخر ڪرڪيٽ ۾ نظم و ضبط جي ضرورت آهي.اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر چيو ته توهان کي ڪرڪيٽ ۾ پرعزم ۽ مستقل مزاج رهڻو پوندو، اهي سڀ شيون آهن جيڪي اسلام توهان کي سيکاري ٿو ۽ اها توهان جي ثقافت جي نمائندگي ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو