پِي اَيم اَي ڪرفيو لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪرفيو لڳائڻ ۽ ڊگهي مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر پروفيسر اشرف نظامي ٻين عهديدارن سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ 18 سيڪڙو کان مٿي ٿي چڪي آهي  جنهن سبب اسپتالون ڀرجي ويون آهن. هيلٿ سسٽم به جواب ڏيڻ جي  ويجهو آهي.پي ايم اي عهديدارن مطالبو  ڪيو آهي ته نجي ميڊيڪل ڪاليجز سان لاڳاپيل اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو