واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)بليو مون جو نالو پڙهڻ کان پوءِ اوهان سوچيو هوندو ته چنڊ جو رنگ نيرو هوندو پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي.نيرو چنڊ کي هڪ مهيني ۾ ٻيو پورو چنڊ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو 2 آگسٽ جي مڪمل چنڊ کان پوءِ ساڳئي مهيني ۾ ٻيو پورو چنڊ هوندو آهي، ان ڪري ان کي نيرو چنڊ سڏيو ويندو آهي.30 ۽ 31 آگسٽ جي وچ واري رات پاڪستان سميت ترڪي، آمريڪا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ سپر بليو مون جو شاندار نظارو ڏٺو ويو ۽ ماڻهن سوشل ميڊيا تي چنڊ جون تصويرون به شيئر ڪيون.ياد رهي ته بليو مون هر ٽن سالن بعد ايندو آهي پر سال 2023 جو بليو مون صرف بليو مون نه پر ’سپر بليو مون‘ آهي.هي سپر بليو مون ان ڪري به خاص آهي ڇو ته اهڙي ايندڙ ڏسڻ لاءِ جنوري 2037 تائين انتظار ڪرڻو پوندو، بي بي سي موجب آخري ڀيرو 2009 ۾ سپر بليو مون ڏٺو ويو هو.ٻئي طرف 2018ع ۾ به سپر بليو مون ڏٺو ويو هو پر ان وقت ان جو رنگ ڳاڙهي رنگ جو هو ڇو ته ان موقعي تي چنڊ گرهڻ پڻ هو جنهن کي ’ايڪلپسڊ سپر بليو مون‘ جو نالو ڏنو ويو هو
