پاڪستان سريلنڪا کي گال ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

گال (ويب ڊيسڪ)گال ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.سريلنڪا پاران ڏنل 131 رنسن جو هدف پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.پاڪستان کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي.هدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم طرفان امام الحق 50 ۽ آغا سلمان 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.سريلنڪا طرفان پرڀات جياسوريا 4 ۽ رميش مينڊس هڪ وڪيٽ ورتي جڏهن ته پاڪستان طرفان هڪ رنسون ٺاهيون ويون.پنجين ڏينهن جي راند جي شروعات اوپنر امام الحق 25 ۽ ڪپتان بابر اعظم 6 رنسن سان ڪئي.بابر اعظم پنهنجي اننگز ۾ وڌيڪ 18 رنسون ٺاهي 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.پاڪستان لاءِ پهرين اننگز ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ سعود شڪيل ٻي اننگز ۾ 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، کيس رميش مينڊس آئوٽ ڪيو. سرفراز احمد هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، کيس پربت جياسوريا به آئوٽ ڪيو.پاڪستان 131 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين 3 وڪيٽن جي نقصان تي 48 رنسون ٺاهي ورتيون.عبدالله شفيق 8، شان مسعود 7 ۽ نعمان علي صفر تي آئوٽ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو