پاڪستان جي ڀارت بعد نيوزيلينڊ کي به شڪست

شارجا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي فتح جو سلسلو جاري رکيو. بابراعظم ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ نيوزيلينڊ کي پهريون جهٽڪو اهو لڳو جڏهن سندن فاسٽ بالر لوڪي فرگوسن زخمي ٿيڻ سبب ميچ مان آئوٽ ٿيو. ٻيو جهٽڪو کين شاهين آفريدي پهريون ميڊن اوور ڪرائي ڏنو. حارث رئوف هڪ ئي اوور ۾ 3 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ کي اهڙو ڌچڪو ڏنو جو هو آخري تائين اٿي نه سگهيا ۽ 8 وڪيٽن تي 134 رنز اسڪور ڪري سگهيا. حارث رئوف 4 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ بڻيو،

شاهين آفريدي، عماد وسيم ۽ محمد حفيظ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزيلينڊ پاران ڪپتان ڪيم وليمسن 26م ڊيوون ڪانوائي ۽ ڊيرل هر هڪ 27 رنز اسڪور ڪيون. بظاهر ته آسان ٽارگٽ هو پر پاڪستان جو ٽاپ آرڊر ناڪام رهيو. 15 هين اوور ۾ 87 تي پاڪستان جا 5 آئوٽ هئا ۽ ايئن لڳو ته ميچ پاڪستان جي هٿان نڪري ويو پر شعيب ملڪ ۽ آصف علي پاڪستان لاءِ نئين اميد بڻيا 48 رنز جي سندن پارٽنرشپ پاڪستان کي فاتح بڻايو. آصف علي لڳاتار ٻه ڇڪا هڻي نيوزيلينڊ جو پريشر ٽوڙيو. محمد رضوان 33، آصف علي 12 بالن تي 27 ۽ شعيب ملڪ 20 بالن تي 26 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. ايس سوڍي 2، ٽم سائوٿي ۽ ٽرينٽ بولٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. بابر اعظم 9، عماد، حفيظ ۽ فخر هر هڪ 11 رنز اسڪور ڪيون. ايندڙ ميچ پاڪستان نميبيا سان 2 نومبر تي کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو