پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي معيشت بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، حڪومت جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 4.5 مان وڌي 8.2 ارب ڊالر ٿي ويا آهن، جولاءِ 2023ع کان معيشت صحيح رستي تي هلي رهي آهي. رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان جولاءِ کان سيپٽمبر تائين معاشي بهتري جا سمورا هدف حاصل ڪيا.پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، بجلي جي پيداواري لاڳت تمام گهڻي آهي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ زرعي شعبو 5.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ صنعتي شعبو مشڪلاتن ۾ آهي، صنعتي شعبي جي ترقي جي شرح رڳو 2.5 سيڪڙو آهي.عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي ته پاڪستان سرحدن تي ڊالر اسمگلنگ جي روڪٿام تي ضابطو آندو، مئي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 36 سيڪڙو هئي جڏهن ته آڪٽوبر 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 26.8 سيڪڙو هئي، هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8.5 سيڪڙو هئي. هن مالي سال ۾ روينيو ۽ گرانٽس جي ڊي پي جو 12.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي، بجيٽ خسارو هن مالي سال ۾ جي ڊي پي جو 7.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 1.6 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس روينيو ۾ واڌ حوصلي افزائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو